ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ عو??مي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزير??عظ?? خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عو??م سعودي عرب جي قيادت ۽ عو??م جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آهن.