اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر ??يد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ موجب ??يو??ن صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر ??ي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اس??ردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو و??ندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. وا??ح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.