اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولن??ي چيو آهي ته سئنيما ثقافت ۽ برداشت جي ڪل??ر کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مستقبل ۾ تعاون جا روشن ا??ڪان موجود آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ قازقستان جي سفارتخاني پاران قازخ فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪن??ي چئي. قومي ورثي ۽ ثقافت وارو نگران وفاقي وزير ??ما?? شاهه ۽ پاڪستان ۾ قازقستان جو سفير يرزان ڪستافين پ?? تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين ۽ نگران وفاقي وزير ??ما?? شااهه جا ٿورا مڃين??ي چيو ته هن فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي کيس گهرايو. هن چيو ته ثقافت واري نگران وفاقي وزير ??ما?? شاهه کان بهتر ڪير به سئنيما جي عڪاسي نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سئنيما جي ذريعي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪن??ي چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ قومي ورثي واري وزارت قازقستان جي سفارتخاني سان هر ممڪن تعاون ڪندي. هن چيو ته اسان جي آڏو وڏا چئلينج موجود آهن جن مان هڪ عدم برداشت آهي، عدم برداشت جي ڪل??ر جي خاتمي جي لاءِ اسان کي ثقافت ۽ ادب جي ذريعي ماڻهن جي سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ثقافت جي فروغ ۾ سئنيما هڪ خاص مقام رکي ٿي ان لاءِ اسان کي سٺي سئنيمائن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قازقستان وڌيڪ پري نه آهي، ان جي سرزمين جاگرافيائي ۽ ثقافتي لحاظ کان اسان سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ روشن مستقبل آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اڄ هتي قازقستان جي فلم ماڻهن کي پسند ايندي، هڪ سکڻ جو تجربو ۽ اسان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ نقطه آغاز هجڻ گهرجي.