پشاور-08 فيبروري (اي پي پي) ٿڌي موسم باوجود خميس ڏينهن سوات، شانگلا ۽ بو??ير جي ضلعن جي پولن?? اسٽيشنن تي ووٽرن جي هجوم آزداڻي ۽ پرامن ماحول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، مينگوره سٽي، امان ڪوٽ، ڪالام، مالم جبه، بحرين، مدين، خوازه خيله، بو??ير ضلعي ۾ سواڙي، ڊگر، ايلم ۽ شانگله ۾ بشام، چڪسر ۽ پورن جون پولن?? اسٽيشنون ظهر جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان ڀ??جي ويون. انهن پهاڙي ضلعن ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ نوجوانن ۽ عورت ووٽرن ۾ زبردست جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو. پولن?? اسٽيشنن ٻاهران پولنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پولن?? اسٽيشنن جي اندر اليڪٽرانڪ اوزارن کانسواءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادي جي اجازت نه آهي، ووٽ وجهڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.