اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان ج?? ص??ر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مب??رڪباد پيش ڪئي. ٻنه?? ص??رن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اه??يت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مب??رڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مب??رڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان ج?? ص??ر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مب??رڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.