اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ هوندو. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم هوندو جڏهن ته ناڻي وار?? وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، واپار وار?? وفاقي وزير، توانائي وار?? وفاقي وزير، پيٽروليم وارو وزير ۽ من??وب??بندي، ترقي ۽ سڌارن وار?? وفاقي وزير ميمبر هوندا. وزيراعظم جي غيرموجودگي ۾ اي سي سي اجلاس جي صد??رت ناڻي وار?? وفاقي وزير ڪندو.