اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچست??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچست??ن جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳو??ڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچست??ن جي مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچست??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچست??ن جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.