اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر ??ي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر ??ي مهانگائي تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي ت?? ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ثمر آهي. وقتي صدر ??يو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ۽ اوڳاڙيون وڌائ?? جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.