شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جديد ٽيڪنالا??ي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي ر??ان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب چين ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن ??ي سربراهه ۽ گ??ان?? ڊونگ صوبي جي نائب سربراهه مينگ فينلي وزيراعظم شهباز شريف سان شينزن ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مينگ فينلي وزيراعظم جي شينز اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کيس شينزن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ شينزن اچي دلي خوشي ٿي، شينزن جي حڪومت ۽ ان جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ جي گهرائي جيتري گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون تي ??ين?? قيادت ۽ ان جي عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي ون چائنا پاليسي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، شينزن لاهور جو سسٽر شهر ۽ گ??ان?? ڊونگ پنجاب جو سسٽر صوبو آهي، پاڪستان چين جي ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ چين جي ترقي مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستاني ۽ ??ين?? ڪمپنين جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري سان ملڪي ر??ان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پنهنجي دوري جي شينزن کان شروع ڪرڻ جو مقصد شينزن جي ترقي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي مان سکڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت جديد ٽيڪنالا??ي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي ر??ان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي سڀ کان وڏي طاقت ان جي نوجوان افرادي قوت آهي جيڪا ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهي، شينزن ۽ پاڪستان ۾ اها هڪجهڙائي آهي، اميد ڪريان ٿو ته شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مينگ فينلي چيو ته اميد ڪريان ٿو ته توهان جي ??ين?? اعليٰ قيادت خاص طور تي ??ين?? صدر شي جن پ??گ ۽ ??ين?? وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ حصيداري جي فروغ جي حوالي سان لاڀائتيون ثابت ٿينديون، شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ شينزن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن.
ملاقات کانپوءِ مينگ فينلي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??و وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وا??و وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وا??و وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وا??و وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شريڪ هئا.