اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي جي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت ??ومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس، گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس الياس، صنفي برابري وا??ي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ۽ گيٽس فائونڊيشن جي پوليو جي خاتمي وا??ي ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل گالوي، روٽري، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جي حصيدار تنظيمن ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي پروگرام ۾ پاڪستان سان اهم حصيداري ۽ ڊگهي وا??ستگي تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. هن پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي جي لاءِ فرنٽ لائين ورڪرز، حڪومتي قيادت ۽ حصيدارن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم شهباز سريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيستائين وا??رس گردش ڪندو رهندو ۽ ٻارن کي مفلوج ڪندو رهندو ان جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون پوري قوت سان جاري رهنديون. 2024ع دوران پوليو جي 5 ڪيسز ۽ 185 ماحولياتي نمونن جي پوليو وا??رس مثبت ??جڻ جي رپورٽ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي وزيراعظم پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اختيار ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏنيون وڃن ۽ اهي پوليو کان محفوظ رهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبن کي پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ وا??لڊ پوليو وا??رس جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن. بل گيٽس پنهنجي ڳالهه ??ول??ه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندي. هن پوليو جي خاتمي جي مهم دوران ٻارن کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن پيارڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس کي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي امن امان جي خراب صورتحال ۾ ورتل علائقن ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ هڪ ٻئي پٺيان پوليو مهم جي لاڳو ڪرڻ ۾ درپيش چئلينجز بابت ??ڌايو ويو. اجلاس کي پوليو وا??رس جي خاتمي جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي مختلف قدمن ۽ ويڪسينيشن جي تازي رجحانن بابت ??ڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب معمول جي ويڪسينيشن ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ ان ۾ ويڪسينيشن جو تناسب صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. سڄي پاڪستان ۾ وا??لڊ پوليو وا??رس جي تشخيص ۾ تازي اضافي تي جاري قدمن تي پڻ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي. ٽاسڪ فورس قومي پوليو پروگرام ۾ هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي موبلائزرز ۽ وٽيرينز جي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت ??دمي کي ساراهيو جيڪي خراب امن امان جي صورتحال، چرپر ۾ ايندڙ آبادين تائين غيرمتواتر پهچ ۽ ويڪسين کا انڪار جي چئلينجز جي باوجود وا??رس جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن. پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پيارڻ جي مهم کانسواءِ، ٽاسڪ فورس صحت جي مرڪزن تي معمول جي ويڪسينيشن جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي صوبائي وزيرن، انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل ڪاشف نذير، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.