دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??ڪس??اني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ ??ي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جم??ه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جم??يد تبرزاده ۽ پ??ڪس??ان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پ??ڪس??ان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ ??ي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.