راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪ??ار??ر راولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي ??ار??ن ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر ج?? ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. تر??ما?? ٻڌايو ته گرفتار ج??ابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي ??ار?? ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.