ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي ڪراچي جي سولجر بازار ۾ شاهه شهيدان امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪيو. گهرو ??زير محسن نقوي جي مولانا آيت ال??ه عقيل الغربي ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر س??ن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گهرو ??زير چيو ته شاهه شهيدان امام بارگاهه تي سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام بهتر آهن، وفاق محرم الحرام ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن سان رابطي ۾ آهي. محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهيون. مولانا آيت ال??ه عقيل الغربي ۽ مقبول باقر امن امان جي بهترين انتظامن تي گهرو ??زير جو ٿورو ??ڃيو.