اسل??م آ??اد-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي دائودي بوهري برادري جي سربراهه ??يد??ا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن برهاني محل ۾ گهرو وزير ??يد??ا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي سندس صاحبزاده شاه زاده حسين برهان الدين به موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان اچڻ تي دائودي بوهري برادري جي سربراهه جي آجيان ڪندي چيو ته اوهان جي آمد اسان لاءِ فخر جوڳي آهي. اوهان سان عقيدت ۽ احترام سان رشتو آهي جيڪو هميشه قائم ۽ دائم رهندو. هن چيو ته دائودي بوهري برادري امن پسند، محبت ڪندڙ برادري آهي. ??يد??ا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري بابت معاملن جي فوري حل تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو ۽ خوبصورت چادر ۽ تبرڪ جو تحفو ڏنو.