اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهبا?? شريف صوبن ۾ زرعي ٽيوب وليز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهبا?? شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته شمسي توانائي بجلي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي انهي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ شمسي توانائي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبن جي حڪومتن سان گڏجي آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. وز??راعظم صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بجلي چوري جي حوالي سان توانائي واري وزارت سان تعاون تي وز??راعظم صوبائي حڪومتن کي ساراهيو. وز??راعظم ??ڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان سمارٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ان حوالي سان جامع پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم چئني صوبن جي بجلي جي هڪ هڪ ورڇ ڪندڙ ڪمپني کي سمارٽ ميٽرنگ جي حوالي سان ماڊل ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ اوور بلنگ ڪنهن ??ه صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وز??راعظم کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي متنقلي ۽ بجلي چوري جي خاتمي تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊيزل سان هلندڙ زرعي ٽيوب ويلز کي ماحول دوست شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان 2.7 ارب آمريڪي ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ 84366 ماڻهن کي گرفتا?? ڪيو ويو، 174562 ايف آءِ آرز داخل ٿيون، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي 456 ملازمن کي معطل ڪيو ويو ۽ 421460 ڪيسز فائيل ڪيا ويا، تازو ئي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار هڪ سئو تيرنهن نوان ميٽرز هنيا ويا ۽ اٽڪل 12 هزار ڪُنڍا هٽايا ويا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، پاور واري وفاقي وز??ر اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ (وڊيو لنڪ ذريعي)، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ??ه چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.