اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي م??سٽر ??لا?? جي تياري، فني م??د ۽ طب?? اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ??رش??ي سطح جي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي م??سٽر ??لا?? جي تياري، فني م??اونت ۽ طب?? اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي م??يار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي م??املن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين ??لا??نگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي م??سٽر ??لا?? ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي م??املن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي م??سٽر ??لا?? تي عالمي شهرت يافته آمريڪي م??هر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي سان فني م??اونت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.