اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قد??ن خلاف سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي. 5 آگسٽ ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي ??نطقي انجام تائين انهن جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. يوم استحصال جي ??وقعي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ڀارتي قد??ن خلاف احتجاج ڪن. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ حريت اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته 1947ع کان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جاري آهي، ڪشميرين پاڪستان ٺهڻ کان پهرين پاڪستاني هئڻ جو نعرو لڳايو هو. هن چيو ته ڪشميرين جي خواهشن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي ??هرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، ڀارت طرفان ڏاڍ سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪامي تي پاڪستان طرفان اسان ڪشميري عوام کي سلام پيش ڪيون ٿا. هو ڏاڍ جي سامهون ڄمي بيٺا آهن، لکين زندگين جي ??رباني ڏني آهي، هنن قيد ۾ ظلم برداشت ڪيا آهن، انهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پنهنجو بنيادي حق گهري رهيا آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت طرفان غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جو قدم کنيو ويو، جمهوريت جي ??ام نهاد علمبردار جي ان قدم کي 5 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، انهن 5 سالن ۾ 887 ڪشميري شهيد ٿيا، هزارين زخمين ٿيا ۽ انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ظلم جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به انهن قدمن جي ??ذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جون قراردادون ڀارت جي آئين ۾ ردوبدل سان تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، اهي قراردادون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي پنهنجو فرض سمجهڻ ۽ اهو حق ادا ڪندو رهندو، اسان اهو مطالبو ڪيون ٿا ته ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ??هرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ هن وقت مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي کي اپيل ڪيون ٿا ته هو عملي طور تي مظلوم مسلمانن جي ڀرپور نمائندگي ڪري ۽ عملي قدمن کڻي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير هڪ جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اسان کي ڪشميرين تي فخر آهي جن بهادري سان هر ڏاڍ جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جو نعرو بلند ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ??ظلم تي پردو وجهڻ لاءِ ان جدوجهد کي ڪڏهن دهشتگردي جو نالو ڏئي ٿو ۽ ڪڏهن ان جو الزام پاڪستان تي لڳائي ٿو، پنهنجي حق لاءِ جدوجهد دهشتگردي ناهي، دهشتگردي جو شڪار ته پاڪستان آهي. هن ڪشميرين کي خاطري ڪرائي ته هو ڪشمير تڪرار جي ??رامن حل تائين ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندا. هن چيو ته 5 آگسٽ جي ??دمن جي ??ذمت طور هر س??ل يوم استحصال ملهايو ويندو آهي، سڄي دنيا ۾ انهن قد??ن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا آهن. وزيراعظم هن ڀيري خاص هد??يتون جاري ڪيون آهن ته سڄي ملڪ مان ڪشميرين کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي به ڪشميرين جي حق ۾ قراردادن جي ??نظوريءَ جي ??دايت ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اڄ سومر تي قرارداد پيش ڪئي ويندي، ان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر صحيحيون ڪندا. امير مقام چيو ته ڪشمير مسئلي تي سڄي قوم پنهنجي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي هڪ هئڻ گهرجي. هن فلسطين جي حق ۾ به گڏيل قرارداد تي سمورين پارٽين جو ٿورو مڃيندي چيو ته اهو ئي پيغام ڪشميرين لاءِ به ويندو. هن چيو ته اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفارتڪارن کي به يوم استحصال ملهائڻ جي ??دايت ڪئي آهي ته جيئن دنيا ۾ جمهوريت تي يقين رکندڙن کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته هو ان سلسلي ۾ اسان جي حمايت ڪن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين واڪ جو انتظام ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ميمبر ۽ سياسي قيادت کي ان ۾ شرڪت جي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي ??سئلي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏ آهن. سموريون وزارتون ۽ کاتا به ان ۾ شريڪ ٿيندا. ان کان علاوه تصويري نمائش سميت ٻيون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. سڌ سماءَ واري وزارت جو به شڪريو ادا ڪندي هن قومي ميڊيا کي خاص پروگرام هلائڻ جي ??دايت ڪئي ته جيئن ان ذريعي دنيا کي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم بابت آگاهه ڪري سگهجي. پي آءِ اي، اين ايڇ اي، ميٽرو سميت هر کاتي کي چيو ته هو ان ڏينهن جي ??ناسبت سان بينر لڳائين. ڪشمير معاملن واري وزارت موڪل باوجود ان ڏينهن جي تيارين لاءِ قدم کڻي رهي آهي جنهن تي مان سمورن ملازمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ساهه جي آخري گهڙي تائين ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو قدم اسرائيلي ماڊل تحت اختيار ڪيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.