اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اوڀر غزه ۾ الطبين اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طر??ان جاري بيان ۾ ت??جمان چيو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ڀريل اسڪول تي حملو، خاص طور تي جڏهن اهي فجر جي نماز ادا ڪ??ي رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانونن جي سنگ??ن خلاف ورزي آهي. ترجمان زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.