اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪهوٽه ويجهو آزاد پتن بس حادثي ۾ قيمت?? حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت واقعي ۾ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن پهر ۾ سندس همدرديون فوتين جي وارثن سان گڏ آهن. صدر مملڪت امدادي سرگ??مي??ن تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڀريو. صدر مملڪت فوتين جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.