اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان جي گهر ويو ۽ سندس ڀ??ڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. ان موقعي تي وزيراعظم مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بل??د ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.