اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته تحريڪ انصاف پنهنجي جلسي ۾ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لازم قرار ڏيڻ درست ناهي، گذريل ڏين??ن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر علي محمد خا?? جي اعتراض واري نقطي جي جواب تي ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ٽن ڏينه?? جي واقعن تي تفصيلي بحث ٿيو آهي، پر جڏهن هي اهو چون ته خان نه ته پاڪستان نه ته ان جو ٻيو ڪهڙو ري ايڪشن ايندو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لازم قرار ڏيڻ درست ناهي. گذريل رات جيڪو ڪجهه ٿيو اهو هڪ ڏينهن اڳ جلسي جو رد عمل هو. هن چيو ته هن ايوا?? جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو ته هي پريس گئلري ۽ هي ايوان هڪجهڙو موقف رکندا هجن، اسا?? جي ۽ صحافي?? جي به دل آزاري ٿي، عورتن بابت اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو ويو. هن چيو ته اقتدار دوران ۽ اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جدوجهد ڏسي وٺو، ا?? جي جدوجهد جمهوري قدرن سان هڪجهڙائپ نه ٿي رکي، ا?? جي سڄي ڳالهه ٻولهه ملڪ جي سلامتي خلاف آهي. 9 مئي تي هنن سمورا ملٽري ٽارگيٽ چونڊيا ۽ انه?? جي توهين ڪئي وئي، ڪرنل شير خان جو مجسمو ٽوڙي توهين ڪيو ۽ 6 سيپٽمبر تي وري اتي وڃي فاتحه خواني ڪيو ته ان کان وڌيڪ منافقت ٻي ڪهڙي ٿيندي. هن چيو ته مون تي به آرٽيڪل 6 لڳايو ويو. هن چيو ته اهو ڪنهن چيو هو ته خان نه ته پاڪستان نه. هي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن هو، هڪ صوبي جي وڏي وزير وفاق ۽ ملڪ کي للڪاريو، ان کان پوءِ چون ٿا ته فوج اسا?? جي شهيد اسان جا. هي جڏهن چاهين پنهنجو بيانئو تبديل ڪن ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير 15 ڏينهن پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻه ڏينهن گذري ويا آهن اسان ان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ وڏو وزير جڏهن ڌيئر?? جي توهين ڪئي ته ان وقت ان جو ضمير ڪٿي هو؟ پنجابي، پشتون، بلوچي ۽ سنڌي گڏجي ڪري پاڪستان ٺاهيندا آهن، پشتون قوم تي ڪنهن اجاره داري ناهي، اتي به محب وطن پاڪستاني رهن ٿا.