اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، پا??يدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپ??رٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پا??يدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پا??يدار ٽرانسپ??رٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي پا??يدار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پا??يدار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپ??رٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ??ي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپ??رٽ جي لاءِ پا??يدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا ??ما??ان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پا??يدار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پا??يدار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپ??رٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپ??رٽ انتظاميا جي وچ ۾ پا??يدار ٽرانسپ??رٽ تعاون جو حمايتي آهي.