اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب جي ش??هي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سعودي سفير سان مُلاقات ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سفير کي مبارڪون ڏن??ون. وفاقي وزير مشڪل جي هر گهڙي ۾ ڀرپور سهڪار تي سعودي عرب جي حڪومت ۽ سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سعودي عرب هر آزمائش ۾ پاڪستان جو پورو ساٿ ڏن?? آه??، ٻوڏ هجي يا زلزلو، معاشي ڏکيائيون يا ڪو ٻيو معاملو سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار جو مثال نٿو ملي. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر مسلمان کي خاص عقيدت آه??. هن چيو ته سعودي عرب مشڪلاتن ۾ پاڪستان سان ڀرپور ساٿ نڀايو آه??، هر پاڪستاني کي سعودي عرب سان تاريخي دوستي تي فخر آه??، سعودي سفير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، پاڪستان اسان جو برادر ملڪ آه??.