اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) طلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي چوڌري حسين ر??اض جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار پونئيرن سان دلي تعزيت ?? همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته چوڌري حسين ر??اض جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن ??يو ته ماءُ هڪ اهڙي عظيم هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، سوڳوار پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.