اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي و??ير احسن اقبال چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروسز جي قيمتن ۾ ڪا گهٽتائي ن??هي آئي، آمدني و??پار وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي و??ير مصدق ملڪ سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا، انگن اکرن واري کاتي طرفان مختلف کاڌي پيتي جي شين ۽ اوپن مارڪيٽ جي قيمتن ۾ نمايان فرق جي ن??اندهي ۽ 70 شهرن جي 50 مارڪيٽن سان قيمتن جي رپورٽ جو جائزو پيش ڪيو ويو. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيڪس (پي بي ايس) جي نمائندن ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پي بي ايس مختلف کاڌي پيتي جي شين ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کي به اجاگر ڪيو. پلانگ ڪميشن بابت وزير مهانگائيءَ جي شرح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، جيڪو هلندڙ مالي سال دوران مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ سيپٽمبر 2024ع ۾ 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو رهي جيڪا سيپٽمبر 2023ع ۾ 31.4 سيڪڙو هئي. غذائي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي و??ي آهي جنهن سان شهري کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي ۾ 33.9 سيڪڙو کان 1.7 سيڪڙو تائين گهٽتائي و??قع ٿي آهي جڏهن ته ٻهراڙي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ن??ڻي و??ڌ ڪاٽو 0.9 سيڪڙو ٿي و??ي جيڪا گذريل سال ان مهيني ۾ 34.4 سيڪڙو هئي. اٽو ۽ پيٽر??ل جي قيمتن ۾ گذريل سال جي ان ئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 37.1 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو گهٽتائي و??قع ٿي. پي بي ايس هر صوبي ۽ قومي سطح تي ڪجه ضروري شين جي هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن ۾ وڏي فرق کي اجاگر ڪيو. اهو به ڏٺو ويو آهي ته پي او ايل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ کي نقل ۽ چُرپر جي خدمتن ۾ اثرائتي طريقي سان نه ڏٺو ويو آهي. رٿابندي و??ري و??ير هدايت ڪئي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروس جي اگهن ۾ ڪا گهٽتائي ن??هي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان سلسلي ۾ هن صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ، هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ فوري قدم کڻن. احسن اقبال چيو ته حڪومت عام ماڻهوءَ کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ان سلسي ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. احسن اقبال ۽ مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن صوبائي حڪومت ۽ آءِ سي ٽي انتظاميه تي زور ڀريو ته اهي قيمتن تي ضابطو آڻڻ جي طريقيڪار تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين، خاص طور تي هول سيل ۽ ريٽيل قيمت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪِراين ۾ گهٽتائيءَ جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ ملي.