اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن ن??وي بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ تي ڪم ڪ??دڙ پورھيتن تي ھٿياربندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 20 پورھيت فوت ٿيا آھن. جاري ڪيل بيان ۾ گھرو وزير محسن ن??وي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿي?? پورهيتن جي وارثن س??ن دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گھرو وزير محسن ن??وي چيو ته حڪومت فوتي پورھيتن جي گھرڀاتين جي غم ۾ برابر جي شريڪ آھي ۽ ڏک جي هن گھڙي ۾ وارثن سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بي گناھه پورھيتن کي قتل ڪرڻ وارا ڪنھن به قسم جي رعايت جا حقدار نه آھن.