رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ سعو??ي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعو??ي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي ??ڏه?? ته سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، معاهدن تي ??حيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ عملدرآمد جي شروعات خوش آئنده ڳالهه آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي ??عو??ي عرب جي شاهي ديوان جو مشير محمد بن التويجري کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو منعقد ڪرڻ سان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي سوچ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، سمٽ ۾ شموليت تي ??سان کي دلي خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي ??عودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اهم ۽ ڪارائتي ملاقات ٿي، ان ملاقات سان سعودي ولي عهد جي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام سان گهري وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن آءِ ايم ايف سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي ??عو??ي عرب جا ٿورا مڃيا، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو آخري پروگرام هوندو، انشاءَ الله ان کانپوءِ اسان سخت محنت، ڪوششن ۽ ڀائر ملڪ سعو??ي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش ائنده آهي ته اڄ ۽ ڪالهه جي ملاقاتن ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کانسواءِ وڌيڪ معاهدن تي ??تفاق ٿيو آهي، اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ڪجهه معاهدن تي ??حيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي ??ملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جي??ا وڏي خبر آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ انهن معاهدن تي ??ملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري ٻيهر پنهنجي گهر ايندو، ان دوري کان اڳ اسان کي انهن معاهدن تي ??مام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جي??و ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته سعو??ي عرب جي عظيم ٽيم سان گڏجي اسان معاهدن جي نظام الاوقات تي ??ملدرآمد ۾ ڪامياب ٿينداسين، مون کي اميد آهي ته اڳئين ڀيري ??ڏه?? آئون سعو??ي عرب ايندس ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ وڌيڪ سٺين خبرن سان گڏ ايندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب گڏجي اڳتي وڌندا ۽ متحد ٿي ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ڀاءُ عزيز ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي قيادت ۾ نه رڳو پاڪستان پر مسلمان امت جي عوام جي لاءِ قدم جاري ر??ند??. وزيراعظم چيو ته 25 لک پاڪستانين جي ميزباني تي ??سان سعو??ي عرب جا ٿورائتا آهيون، اهي پاڪستاني سعو??ي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي عوام کي هڪ خاندان وانگر قرار ڏيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سعو??ي عرب جي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت تيار ڪرڻ جي قابل ٿيون جنهن سان نه رڳو سعو??ي عرب جي ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي پر ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو به ادا ڪرڻ جا قابل ٿينداسين. سعو??ي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني تي ??سان کي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ڪالهه ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات کانسواءِ آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، پاڪستاني وزيراعظم فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو کي اهم خطاب ڪيو ۽ سڄي دنيا مان آيل سيڙپڪارن ۽ بزنس ليڊرن کي پنهنجي خيالن ۾ شريڪ ڪيو. هن چيو ته اربع ڏينهن محمد التويجري جي قيادت ۾ پاڪستان سان ورڪنگ سطح جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا جي??ي اڳ ۾ به بلند آهن کي وڌيڪ نئين بلندين تائين پهچائڻ بابت معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. ڳالهه ٻولهه م معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سعو??ي عرب لکين پاڪستانين جو گهر آهي. هن چيو ته 3 هفتا اڳ سعودي سيڙپڪاري وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان جي قيادت گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ اسان جي شاندار ميزباني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۽ ويزن جي روشني ۾ اسان تيزي سان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي دوري دوران 2.2 ارب ڊالر ماليت جي 27 معاهدن تي ??حيحون ٿيون هيون جي??ا رڳو هڪ شروعات آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه کانپوءِ انهن معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي ??ڏه?? ته ان جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته 5 معاهدن تي ??ملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان مان زراعت سان لاڳاپيل روانگي واپار پڻ شروع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ 5 معاهدن تي ??ملدرآمد جي حوالي سان اعلان لاڳاپيل ڪمپنيون ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ زراعت، توانائي ۽ مينوفيڪچرنگ بابت معاهدا ٿيا هئا، صحت جي شعبي ۾ پڻ پاڪستان سان تعاون جاري آهي ۽ پاڪستان ۾ سعو??ي عرب جو سفير ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعو??ي عرب ۾ پاڪستاني ورڪرن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان مان 300 طبي افرادي قوت سعو??ي عرب ايندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ عالمگير ڊيجيٽل اسپيس جي حوالي سان پوري دنيا جون نظرون سعو??ي عرب تي ??هن، اسان پنهنجي ڊيجيٽل اسپيس ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شموليت جا منتظر آهيون، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي دوري ۽ سندس ويزن ۽ سڌارن ۽ سعودي ولي عهد جي هدايت موجب پاڪستان انهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندو. هن چيو ته ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان کي ترجيحي حيثيت ڏني آهي ۽ پاڪستان سان مسلسل رابطن جي لاءِ هن محمد التويجري کي ذميواريون ڏنيون آهن. سعو??ي عرب جي ٽيم جي پاڪستان جي ٽيم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان رابطا قائم آهن. هن چيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزارت ۾ به هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جي??ا پاڪستان ۾ سعو??ي عرب جي سفير سان رابطي ۾ آهي.