غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون ??را??م ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گ??گت بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين تعمير ٿيل گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزيراعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر تعمير تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئين تعمير ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائ?? کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون ??را??م ڪيون وڃن. وزيراعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري ??را??م ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو ا??لان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزيراعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي نئين تعمير ٿيل گهرن ۾ ??را??م ڪئي ويند?? سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گ??گت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گ??گت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گ??گت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.