اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ورلڊ بئنڪ جي ٽيم روانگي ??اپار ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ روانگي ??اپار کي وڌائڻ ۽ قابل عمل پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي حڪمت عملين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڄام ڪمال خان روانگي ??اپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن بابت وفد کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير عالمي ب??نڪ جي وفد کي ٻُڌايو ته مسابقت کي بهتر بنائڻ ۽ روانگي ??اپار ڪندڙن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ لاءِ حڪومت هڪ متحد پاليسي فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. اها هڪمت عملي پاڪستان جي روانگي ??اپار جي شعبي کي ب??اختيار بنائڻ لاءِ مالياتي، ليڪويڊيٽي سپورٽ، ان پٽ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري سهولت جهڙا اهم عمل فراهم ڪري روانگي ??اپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عالمي ب??نڪ پرڏيهه مشنز ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرز (ٽي آءِ اوز) لاءِ پنهنجي حمايت جو سلسلو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير واپار واري وزارت طرفان 17 سيڪٽرل ڪائونسلن جي تازي قيام بابت وفد کي ٻُڌايو جنهن جو مقصد پاليسي بنائڻ جي عمل ۾ نجي شعبي جي شموليت ۽ ان کي تقويت ڏيڻ آهي. پاليسي سازي جي عمل کي تقويت ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن کي عالمي ب??نڪ جي ٽيم طرفان ساراهيو ويو. ٻنهي ڌُرين واپار تي هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن جو وقت بوقت ??جل??س ٿيندو ته جيئن پاڪستان جي 60 ارب ڊالرن جي روانگي ??اپار واري صلاحيت کي حاصل ڪرڻ جي هدفن کي اڳتي وڌائي سگهجي.