اسلام آباد-15 نومبر (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪون ڏن??ون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ اسپيڪر چ??و ته بابا گرونانڪ انسانيت سان محبت، امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏنو، هو مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪندڙ هو. سردار اياز صادق چ??و ته بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ??اترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر چ??و ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن کي برابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جو ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.