اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) ملڪ مان چانورن جي روانگي واپار ۾ جاري مالي ??ال جي پھرين 4 مھينن ۾ ساليانو بنياد تي نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ شماريات واري اداري جي انگن اکرن مطابق مالي ??ال جي پھرين 4 مھينن ۾ چانور جي روانگي واپار ۾ ملڪ کي 902.020 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي ??ال جي سا??ي عرصي جي ڀيٽ ۾ 33.68 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي، گذريل مالي ??ال جي سا??ي عرصي ۾ چانور جي روانگي واپار سبب ملڪ کي 674.72 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿي ھو. 2024ع ۾ چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 268.81 ملين ڊال?? رڪارڊ ٿيو جيڪو سيپٽمبر ۾ 197.20 ملين ڊالر ۽ گذريل سال آڪٽوبر ۾ 256.85 ميلن ڊالر ھو. مالي ??ال 2024ع ۾ چانور جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 3.687 ڊال?? رڪارڊ ڪيو ويو ھو. انگن اکرن موجب جاري مالي ??ال جي پھرين 4 مھينن ۾ باسمتي چانور جي روانگي واپار سبب ملڪ کي 294.58 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي ??ال جي سا??ي عرصي جي 259.81 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 13.65 سيڪڙو وڌيڪ آھي. اھڙي طرح نان باسمتي چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 607.44 ملين ڊال?? رڪارڊ ٿيو جيڪو گذريل مالي ??ال جي سا??ي عرصي جي ڀيٽ ۾ 6.17 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي. گذريل مالي ??ال جي سا??ي عرصي ۾ نان باسمتي چانور جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 415.54 ڊال?? رڪارڊ ٿيو ھو. واضح رھي ته جاري مالي ??ال جي پھرين چان مھينن ۾ کاڌي جي شين جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 2.157 ارب ڊال?? رڪارڊ ڪيو ويو.