اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس ا??لڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چ??و آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي ره??و آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سي??سي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس ا??لڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا م??مت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي ره??و آهي. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس ا??لڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سي??سي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس ا??لڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.