رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??عو??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ال??عو?? ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ??عو??يه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ??عو??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ال??عو?? سان خوشگوار ملاقات ٿي. ??عو??ي ولي عهد گذريل ڇهن مهينن دوران پنجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات تي پنهنجي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو حقيقي محبت ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڳنڍي ٿو. ٻنهي اڳواڻن جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پاڪستان ۽ ??عو??يه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ انتهائي ضروري آهي. ??عو??ي ولي عهد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ تعاون جو فروغ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??عو??ي مفاهمتي يادداشتن ?? معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد جا پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ولي عهد وزيراعظم جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.