اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون ??ال???مرائی_کی_خوش_قسمتی۔/121932.html">? ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام ??ال??ي انساني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جي ??ال??ي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به م??جود آهي جنهن ۾ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي ??ال??ي انساني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان بنا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي ??ال??ي انساني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي ??ال??ي ڀائيوارن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.