اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون اتر وزيرستان ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن ??ي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان??ن ڪاررواين ۾ 13 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ان??ن جو بها??ري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد اويس کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد ميجر اويس جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم شهيد ميجر اويس کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.