اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميراتي ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پ??تونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پ??تونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي سان ب??يف??گ ڏني. گورنر ڪمپني جي ڪم کي ساراهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال ص??ف خيبر پ??تونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آهي جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن ل??ءِ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسو??ءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي.