اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور منصور خان چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابين?? کان منظور?? وٺڻي لازمي هئي پ?? پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابين?? کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ورتي. اطلاعات ۽ ن??ريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.