اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته باباءِ ق??م محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ هو جنهن پنهنجي بصيرت ۽ دورانديشي سا?? ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ اسان کي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي لاء?? ان جي فرمانن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي بنيادي اصول طور اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي اهو ڏينهن ا?? عظيم قائد جو جنم ڏينهن آهي، جنه?? ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.