اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نيشنل ڊفينس يونيورس??ي خاص طور تي قومي سلامتي ۽ دفاع کي ترجيح ڏيندي پاليسي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ??ي اهتمام هيٺ قيادت ۽ سلامتي جي موضوع تي عالمي ورڪشاپ جي نمائندن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.