اسلام آباد – 10 م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان ٺ??س منصوبابندي جي کوٽ ماضي جي حڪمرانن جي نااهلي جو واضح ثبوت آهي، ملڪي ضرورتن ۽ واڌويجهه جي شرح کي نظر ۾ رکندي ٺ??س منصوبابندي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن جي گڏيل حصيداري کي فوقيت ڏني وڃي ته جيئن پهچ ۽ متفرق خرچن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻي عوام کي ممڪن رليف ڏئي سگهجي. هن اها هدايت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تع??ن ۾ اثرانداز ٿيندڙ عمل، موجوده طريقيڪار ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي تحت قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.