اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??سر??دڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي ب??ال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي ??تاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي ??نهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورت??ال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.