لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايم??جن??ي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سا?? گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايم??جن??ي ڪ??ش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪ??ش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايم??جن??ي ڪ??ش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.