اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي ڪري ڪ??رونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد س??ن ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجود آهي، حڪومتي ڪ??ششن س??ن ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو وي??، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪ??ينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ??الهائيندي ڪ??و. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪ??رونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.