اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي ??بارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باق??عد?? منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نق??ي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي ??اضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نق??ي ۾ سياچن کي ??اڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقش?? سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.