اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزي??ن لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون ش??يد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي ج??ن ڪارروايون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلا?? ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏهاڙي ج?? موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آ??ي. هن چيو ته ڀارت جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي ج?? پي آر ايس ايس جي نمائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي ج?? تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ج??ڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.