اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي روڪيو ويو آهي، خطر?? اڃان موجود آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم جو تعاون گهربل آهي، محرم الحرام ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ عوام جي مسئلن جي ح?? لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، اسڪولن ۾ تعلي??ي سرگرمين جي بحالي جي ح??الي سان صوبائي حڪومتون اسڪولن جي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان سم??رن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪووڊ -19 بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.