ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) س??ڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سو??ل جي جواب ۾ س??ڌ جي گورنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. س??ڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي ا??يم??لي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، س??ڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.