اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لا??ِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ج?? روشن مستقبل جي لا??ِ ٻارن ??ي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن ??ي بهترين واڌويجهه جي لا??ِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سا?? مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ ک?? روڪن جي لا??ِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي ک?? روڪڻ جي لا??ِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي لا??ِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ??زي??اعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻارن جي واڌويجهه جي حوالي سا?? انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن ت?? روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي حوالي سا?? آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي لا??ِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سا?? پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن ک?? روڪڻ جي لا??ِ تجويزون پيش ڪيون ويون. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سا?? هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن احسن اقبال، احد خان چيما، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نا??ي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سا?? تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.