ڪوهاٽ – 28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت کي پائيدار بڻ??ئڻ، ادارن کي بااختيار بڻ??ئي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن ڪ??پشن ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته ناڻو خالي هو جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پ??و، وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي پاڪستان کي عزت ڏياري، آمريڪا ۽ يورپي قيادت آڏ?? ڪڏهن معذرت وارو انداز اختيار نه ڪيو. هو ڪوهاٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.