اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ??اروباري شعبي جي ترقي لاءِ برابري جي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ??هي آهي، عالمي منڊين جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي رجحانن موجب حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن اي او جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جي ڪري پاڪستان جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن 28 در??ا مس??حڪ?? ٿي.